Thursday, July 30, 2009

Anti Corruption Move


Join Anti Corruption Move


I have waged war against corrupt mafia in Development Sector. I am being frightened and threatened to stop speaking against them. But I have decided not to step back. I need support from everyone, especially every youth. You may support me just sending me e-mails, SMS and (or) call me.

Just say am I right or Wrong.

I also need any information of corruption being carried out or happened in any project of Development Sector in your area or in your community.

Let me assure you of Transparency and Prosperity in Development projects.

With warm regards,

MOOSA
Founder and Organizer
DISCOVER
- NGO

Tuesday, July 21, 2009

KAMRAN TESORI

سنڌ ۾ نئين حڪومت جي قيام کان اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿيل معاملن جي حوالي سان جيڪي معاملا ميڊيا جي وڌيڪ زينت بڻيا انهن معاملن مان ڪراچيءَ جي هڪ سون جي واپاري ڪامران ٽيسوريءَ کي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ سستي اگهه تي اٽڪل ٻه ارب رپين جي ماليت جي زمينن جي ٿيل الاٽمينٽ جو معاملو پڻ وڏي بحث هيٺ رهيو. حڪومت نه صرف ڪامران ٽسوريءَ کي الاٽ ٿيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ويجها ناتا رکندڙ ڪراچيءَ جي هن سوناري کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. جيڪو بعد ۾ بدين پوليس کان ڀڄي ويو، پر اٽڪل 6 مهينا اڳ کيس ٻيهر ڪراچي ايئرپورٽ تان پڪڙيو ويو. رشوت ٽوڙ کاتي هن خلاف باقاعده جاچ شروع ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪميٽي نمبر ون 28 جون 2008ع تي هن خلاف باقاعده کليل جاچ (اوپن انڪوائري) ڪرڻ جي منظوري ڏني، پر هڪ سال تائين اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي ان شڪايت نمبر GO7/2008 جي جاچ جي حوالي سان ڪهڙي سرگرمي ٿي آهي ۽ اها جاچ اڃا تائين پوري ڇو نه ٿي سگهي آهي، انهيءَ کانسواءِ ٽسوري گروپ کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ ۽ ان ڏس ۾ هن وقت تائين ڪهڙي سرگرمي ٿي آهي؟ انهيءَ تي ”ڪاوش“ پاران ڪيل جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ٽسوري گروپ کي الاٽ ٿيل زمينن مان ڪراچيءَ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ وٽ صنعتي مقصدن لاءِ الاٽ ٿيل 68 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي 9 مهينا اڳ 16 آڪٽوبر 2008ع تي وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي هئي، پر سي ايم هائوس ان سمريءَ تي اڃا تائين فيصلو ناهي ڪري سگهيو. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن کاتي ان جاچ جي ڏس ۾ اٽڪل 6 مهينا اڳ چيف سيڪريٽريءَ جي دفتر معرفت قانون واري کاتي کان راءِ وٺڻ لاءِ هڪ خط لکيو هو ته ٻڌايو وڃي ته الاٽمينٽ جي انهن ڪيسن ۾ صوبائي لينڊ اسڪروٽني ڪميٽي ٻين لاڳاپيل آفيسرن جو ڪهڙو ڪردار رهيو. اهو خط اڃا تائين واپس نه آيو آهي ۽ ايئن کڻي چئجي ته جاچ کي عملي طور تي بريڪ لڳي وئي آهي ۽ ڪامران ٽسوري اڄڪلهه جيل کان ٻاهر آهي. ”ڪاوش“ کي مليل دستاويزن موجب اينٽي ڪرپشن ڪميٽي نمبر هڪ 28 جون 2008ع تي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ اينٽي ڪرپشن ڪراچيءَ پاران شڪايت نمبر 2008/07/GO-07 غور لاءِ پيش ڪئي وئي گڏجاڻيءَ کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي منظوريءَ سان ڪامران ٽسوريءَ جي والد محمد اختر ٽسوري، ڀاءُ عرفان خان ۽ ٻين جي نالن تي جوڙيل ڪمپنين کي ڪراچيءَ جي بن قاسم ٽائون جي ديهه کانٽو ۾ چوڪنڊي قبرستان لڳ 68 ايڪڙ زمين صنعتي مقصدن لاءِ ديهه صفوران جي ناڪلاس سروي نمبر 162 ۾ 54 ايڪڙ زمين انڪريمينٽل هائوسنگ اسڪيم لاءِ، اسڪيم 33واري علائقي جي ديهه ٻٽي آمريءَ ۾ 5 ايڪڙ زمين رهائشي ۽ تجارتي مقصدن لاءِ ۽ ديهه تيسر جي ناڪلاس سروي نمبر 114 ۾ 10 ايڪڙ زمين رهائشي ۽ تجارتي مقصدن لاءِ رعايتي اگهن تي الاٽ ڪئي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهيءَ زمين مان ڪجهه سرڪاري دفترن ۽ رفاعي مقصدن لاءِ رکيل هئي. گڏجاڻيءَ ۾ زمينن جي ان الاٽمينٽ جي اوپن انڪوائريءَ جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته ان جاچ دوران خاص ڪري ان کي ڏٺو ويندو ته زمينن جي الاٽمينٽ ۾ ڪهڙيون قانوني ڀڃڪڙيون ٿيون آهن ۽ ان ڏس ۾ ضروري رڪارڊ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي کان حاصل ڪيو ويندو. انهيءَ ڪيس جي هن وقت تائين ٿيل جاچ جي حوالي سان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب ڪامران ٽسوريءَ جي ڀاءُ ۽ ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر عرفان خان 28 مارچ 2006ع تي سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڏني ته کين ڪراچيءَ ۾ هيرن ۽ موتين کي تراشڻ ۽ ڪٽڻ جي صنعت لڳائڻ لاءِ زمين الاٽ ڪئي وڃي. وڏي وزير 10-اپريل 2006ع تي انهيءَ تي Put up summary جو نوٽ هڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ڏانهن اماڻي ڇڏي. لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي زمين جي موجودگيءَ جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اي ڊي او روينيو ڪراچيءَ کي لکيو، جنهن 25-اپريل 2006ع تي ڊي او روينيو، ڊي ڊي او بن قاسم ۽ مختيارڪار بن قاسم پاران تيار ڪيل رپورٽ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي کي اماڻي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بن قاسم ٽائون جي ديهه کانٽو جي ناڪلاس سروي نمبر 89 ۾ 90 ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت 1995ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير جو دفتر ۽ ٻيا سرڪاري دفتر اڏڻ لاءِ مخصوص ڪئي هئي. انهيءَ زمين تي ڪوبه تعميراتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ زمين خالي پئي آهي. جنهن کانپوءِ 4 مئي 2006ع تي صوبائي لينڊ اسڪروٽني ڪميٽيءَ جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ معاملي تي غور ڪيو ويو.ا ن گڏجاڻيءَ جي جاري ڪيل منٽس موجب سيڙپڪاريءَ واري ان رٿا جي حوالي سان رٿا جي سيڙپڪار گڏيل عرب امارتن جي ڪراچيءَ واري قونصل جنرل عبدالله الفلاسي ۽ ٽسوري گروپ جي محمد اختر خان پڻ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏجاڻيءَ کي ٻڌايو ته هوا ن رٿا هيٺ هيرن ۽ موتين جي ڪٽنگ لاءِ هڪ صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ گهرن ٿا، اهڙي قسم جون صنعتون ڀارت ۾ پڻ قائم آهن ۽ اهي هر سال اٽڪل 16 ارب ڊالرن جو پرڏيهي واپار ڪن ٿا. جڏهن ته هنن وٽ ڪچو مال به پنهنجو ڪونهي، ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ اهو ڪچو مال گهڻو آهي. هنن دعويٰ ڪئي ته اها صنعت لڳڻ سان پاڪستان پڻ هر سال ان ڏس ۾ اٽڪل 3 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ڪاروبار ڪري سگهندو. جڏهن ته انهيءَ صنعتي پارڪ جي قيام تي اٽڪل 35 ڪروڙ 77 لک روپيا خرچ ٿيندو. گڏجاڻيءَ کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها زمين ان وقت جي وڏي وزير جي منظوريءَ سان 1996ع ۾ ڊي سي ملير جي دفتر لاءِ الڳ ڪري رکي وئي هئي، پر ان ڏس ۾ ڪوبه الاٽمينٽ آرڊر جاري ٿيل ڪونهي. جڏهن ته ستين فارم تي اهڙي داخلا ٿيل آهي. گڏجاڻيءَ ۾ چوڪنڊي قبرستان لڳ قومي شاهراهه تي موجود ديهه کانٽو جي ناڪلاس سروي نمبر 89 جي 80 ايڪڙ زمين ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ کي مارڪيٽ اگهه هڪ ڪروڙ روپيا في ايڪڙ جي 25 سيڪڙو اگهه 25 لک روپيا في ايڪڙ رعايتي قيمت تي صنعتي مقصدن لاءِ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. انهيءَ منظوريءَ جي بنياد تي ان وقت جي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن خالد محمود سومري زمين جي الاٽمينٽ لاءِ 15 مئي 2006ع تي وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي، جنهن تي 24 مئي 2006ع تي ان وقت جي ناڻي واري صلاحڪار ايم اي جليل لکيو ته هيرن ۽ موتين جي ڪٽنگ واري صنعت لڳائڻ لاءِ 80 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو مطالبو گهڻو وڌيل آهي، جڏهن ته انهي صنعت لاءِ صرف هڪ ايڪڙ زمين ڪافي آهي، ان ڪري هڪ ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وڃي. جڏهن ته ان کان پهرين ان وقت جو ناڻي واري سيڪريٽري ملڪ اسرار لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي 80 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ واري سفارش جي حمايت ڪري چڪو هو. سمري جڏهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري وٽ پهتي ته انهيءَ به پهرين ناڻي واري صلاحڪار جي راءِ سان اتفاق ڪيو ۽ 25 مئي تي سمري سي ايم هائوس اماڻي ڇڏي. پر چيف سيڪريٽريءَ سمري وري سي ايم هائوس مان واپس گهرائي ۽ پنهنجي راءِ تبديل ڪئي ۽ لکيو ته ڪراچيءَ ۾ هيرن ۽ موتين جي ڪٽنگ جي صنعت هڻڻ لاءِ سمريءَ ۾ ڄاڻايل 80 ايڪڙ زمين مخصوص ڪئي وڃي پر اها سڄي زمين ڪنهن هڪ ماڻهو کي الاٽ نه ڪئي وڃي. زمين مختلف صنعتي يونٽ لڳائڻ لاءِ مختلف ڌرين کي انهن جي ڪيس کي الڳ الڳ جاچي ميرٽ تي الاٽ ڪئي وڃي، پر 16 جون 2006ع تي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ناڻي واري صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽريءَ جي مشورن کي نظرانداز ڪندي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي پاران زمين جي الاٽمينٽ جي ڏنل سفارش جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي 21 جون 2006 زمين جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪمپني ماڳ تي رٿا جو تعميراتي ڪم قبضو ملڻ کانپوءِ 6 مهينن اندر شروع ڪندي ۽ ٻن سالن اندر اهو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. مقرر مدي اندر انهي ڪم شروع ڪرڻ ۽ پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت حڪومت بغير ڪنهن نوٽيس جي پاڻمرادو زمين جو قبضو حاصل ڪري وٺندي ۽ ڪمپني پاران زمين جي قيمت طور سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل رقم ضبط ڪئي ويندي. پر جيئن ته ماڳ تي 80 ايڪڙن بدران صرف 68 ايڪڙ 15 ويسا زمين خالي موجود هئي. ان ڪري ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ ڪمپني 68 ايڪڙ 15 ويسا زمين جي قيمت جي ادائيگي طور 17 ڪروڙ 9 لک 37 هزار 500 روپيا هڪ چالان ذريعي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا. اهڙي طرح سان جنهن زمين جي مارڪيٽ قيمت 68 ڪروڙ روپيا لڳائي وئي. اها ٽسوري جي ڪمپني کي 17 ڪروڙ روپين ۾ ملي وئي. 2 اپريل 2007ع تي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊ ايڪٽ 1912ع جي سيڪشن 24 هيٺ ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ کي هڪ نوٽيس ڏنو. اهو نوٽيس گڏيل عرب امارتن جي اڳوڻي قونصل جنرل عبدالله الفلاسي، محمد اختر ٽسوري ۽ الطاف مجيد کي به اماڻيو ويو. نوٽيس ۾ چيو ويو ته ڪمپني کي 6 مهينن اندر ماڳ تي رٿا جو ڪم شروع ڪرڻو هو. پر هنن تعميراتي ڪم شروع نه ڪيو ۽ انهي کانسواءِ ڪمپني پاران رٿا لاءِ ملير ترقياتي اداري (ايم ڊي اي) وٽ منظوري لاءِ جمع ڪرايل لي آئوٽ پلان ۾ زمين تي هڪ پئٽرول پمپ پڻ تعمير ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته حڪومت کان جڏهن زمين ورتي وئي هئي ان رٿا ۾ پيٽرول پمپ جهڙي تجارتي سرگرمي جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، نوٽيس ۾ چيو ويو، جيئن ته ڪمپني زمين جي الاٽمينٽ آرڊر جي شرطن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ان ڪري ڇو نه زمين جي ليز رد ڪئي وڃي. عرفان خان 13 اپريل 2007ع تي ان شوڪاز نوٽِس جو جواب ڏنو. جنهن ۾ چيو ويو ته زمين تي اڏاوت ان ڪري شروع نه ڪري سگهي آهي جو حڪومت پهريان هنن لاءِ 80 ايڪڙ زمين منظور ڪئي هئي، پر کين 68 ايڪڙ زمين ملي سگهي آهي. کين رهيل زمين ملي ته هو ڪم شروع ڪندا. انهي سان گڏ عرفان خان وڏي وزير کي هڪ درخواست ڏني جنهن ۾ چيو ويو ته اهو معاملو ٻيهر لينڊ اسڪروٽني ڪميٽيءَ ۾ غور لاءِ آندو وڃي. جيئن اتي نوٽيس جو فيصلو ٿي سگهي. جنهن تي وڏي وزير لکيو ته ڪيس ٻيهر اسڪروٽني ڪميٽي ۾ رکيو وڃي. جيئن ڪو انصاف ڀريو فيصلو ٿي سگهي. جڏهن ته اهو معاملو اسڪروٽني ڪميٽيءَ جي اختيارن جي دائري کان ئي ٻاهر هيو. انهي کانپوءِ 27 جولاءِ 2007ع تي لينڊ اسڪروٽني ڪميٽي جي گڏجاڻي چيف سيڪريٽري سنڌ جي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاڻ به پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي وڏي وزير ٻڌايو ته هن پاڻ ان ماڳ جو 2 جولاءِ تي دورو ڪيو هو. چيف سيڪريٽري به هن سان گڏ هيو. هن ڏٺو ته انهي زمين تي اها صنعت لڳڻ سان چوڪنڊي جي قبرستان جي تاريخي ماڳ جي آثارن کي هاڃو نه رسندو. جڏهن ته سنڌ حڪومت جو ان وقت جو ڊائريڪٽر اسپيشل پروجيڪٽس بورڊ آف روينيو کي لکي چڪو هيو ته انهي ماڳ تي صنعتون لڳڻ سان چوڪنڊي جي تاريخي قبرستان جي آثارن کي نقصان رسندو. وڏي وزير گڏجاڻي ۾ اهو به چيو ته جيڪڏهن اها زمين الاٽ نه ڪئي وئي ته پوءِ انهي زمين تي لينڊ مافيا قبضو ڪري وٺندي. جنهن تي سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو چيو ته ڪنهن کي به اسڪروٽني ڪميٽيءَ جي زمين الاٽ ڪرڻ واري پهرين فيصلي جي حوالي سان ڪوبه اعتراض آهي ته ٻڌائي. ڪميٽي جي ڪنهن به ميمبر اعتراض نه ڪيو. اهڙي طرح سان ڪمپني کي مليل نوٽيس واپس ڪرايو ويو. انهي زمين جي الاٽمينٽ جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه اها ٿي ته 16 جون 2006ع تي جڏهن اها زمين ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ کي الاٽ ٿي، ان وقت تائين اها ڪمپني سيڪيورٽيز ۽ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وٽ رجسٽر ئي ڪونه هئي. ڪمپني جي مالڪ 9 آگسٽ 2007 تي رجسٽريشن جي درخواست ڏني ۽ 10 آگسٽ تي ڪمپني رجسٽر ٿي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪا ڪمپني رجسٽر ئي ڪونه هئي ان کي زمين ڪيئن الاٽ ڪئي وئي. ٻئي طرف اهو ٿيو ته ملير ترقياتي اداري (ايم ڊي اي) ڪمپني پاران رٿا لاءِ جمع ڪرايل لي آئوٽ پلان منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هنن جو موقف آهي ته اها زمين ايم ڊي اي جي رهائشي اسڪيم نمبر 25 شاهه لطيف ٽائون جي لي آئوٽ پلان جو حصو آهي ۽ ان رٿا هيٺ اها زمين اضافي تعميرات ۽ اندروني روڊن لاءِ مخصوص ٿيل آهي. انهيءَ کانسواءِ هيرن ۽ موتين جي ڪٽنگ واري انهي صنعتي رٿا لاءِ سيڙپڪاري جي ضمانت ڏيندڙ گڏيل عرب امارتن جو قونصل جنرل عبدالله الفلاسي پڻ بعد ۾ غائب ٿي ويو. هن وقت تائين ٿيل جاچ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جڏهن زمين الاٽ ڪندڙ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن خالد سومري ڪمپني کي شرط پورا نه ڪرڻ تي نوٽيس ڏنو ۽ اهو واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو ته کيس عهدي تان هٽايو ويو. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن موجب کاتي جي هيٺين عملي ٽسوري گروپ کي الاٽ ٿيل زمينن مان چوڪنڊي جي قبرستان وٽ 68 ايڪڙ زمين جي ٿيل الاٽمينٽ واري ڪيس جي جاچ تقريبن مڪمل ڪري ورتي آهي. انهي جاچ جي دائري ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڪامران ٽسوري، هن جي والد محمد اختر ٽسوري ڀاءُ عرفان خان کي آندو ويو آهي. پر انهي ڪيس ۾ زمين جي الاٽمينٽ جي سفارش ڪندڙ صوبائي لينڊ اسڪروٽني ڪميٽي ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي ڪامورن جو ڪهڙو ڪردار بيهي ٿو، انهي حوالي سان جاچ اڃا تائين منجهيل آهي، انهي ڪري 6 مهينا اڳ چيئرمين اينٽي ڪرپشن چيف سيڪريٽري سنڌ جي معرفت قانون واري کاتي کان راءِ وٺڻ لاءِ هڪ خط لکيو. جنهن جو جواب اڃا تائين کاتي ۾ واپس نه آيو آهي. ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن کاتي اندر انهي ڪيس جي حوالي سان 6 مهينا اڳ تيزي سان هلندڙ سرگرمي ۾ نرمي اچي وئي آهي، ايئن کڻي چئجي ته عملي طور تي سرگرمي رڪجي وئي آهي. يا روڪي وئي آهي. ان حوالي سان جڏهن چيئرمين اينٽي ڪرپشن سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ان عهدي تي سندس مقرري کي اٽڪل چار مهينا ٿيا آهن، پر انهي دوران ان ڪيس جو فائيل سندس سامهون ڪونه آيو آهي. ٻئي طرف لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي پاران 16 آڪٽوبر 2008ع تي وڏي وزير ڏانهن موڪليل هڪ سمري ذريعي سفارش ڪئي وئي هئي ته چوڪنڊي جي قبرستان وٽ ميسرز پريشيس انڊسٽريل پارڪ کي الاٽ ٿيل 68 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو ان زمين جي الاٽي جنهن مقصد لاءِ زمين حاصل ڪئي هئي، مقرر ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود ان رٿا جي تعمير شروع ناهي ڪري سگهيو. پر اها سمري 9 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ۾ واپس نه آئي آهي. اهو هڪ وڏو سوال آهي ته ٽسوري گروپ کي زمينن جي ٿيل الاٽمينٽ جو 6 مهينا اڳ تائين صوبائي حڪومت جي مختلف ادارن لاءِ گرم بڻيل معاملو ٿڌو ڇو ٿي ويو آهي؟ يا ايئن ته ناهي ته اٽڪل ٻه ارب روپين جي ماليت واري زمين جا معاملا ڪنهن سطح تي طئه ٿي ويا آهن؟